نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاء وارثن پاران احتجاجي مظاهرو

نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاء وارثن پاران احتجاجي مظاهرو

خانپورمهر (رپورٽ آفتاب سيال) خانپورمهر لڳ ڀيٽور ۾ قتل ٿيل شاهنواز مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاء وارثن جو ٺڪراٺو پل تي احتجاجي مظاهرو ٽائر ساڙي ڌرڻو ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل نعريبازي ايس ايڇ او جي خاطري تي احتجاج ختم ڪيو ويو. موجب خانپورمهر لڳ ڀيٽور شريف جي ڳوٺ وردڙو ۾ زميني تڪرار تان هڪ هفتو اڳ قتل ٿيل نوجوان شاهنواز مهر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول جي وارثن ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ خانپورمهر ۾ ٺڪراٺو بس اسٽينڊ جي پل وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري هڪ ڪلاڪ تائين ڌرڻو هنيو ڌرڻي دوران ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بلاڪ ٿي وئي مظاھرين مقتول شاهنواز مهر جا قاتل گرفتار ڪيو، انصاف ڪيو جا نعرا هنيا، ان موقعي تي مقتول جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته زميني تڪرار تان هڪ هفتو اڳ 8 جوابدارن حملو ڪري اسان جي نوجوان شاهنواز مهر کي قتل ڪيو ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس هن مهل تائين جوابدار گرفتار نه ڪيا آهن هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور جوابدار گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي هوڏانهن ايس ايڇ او خانپورمھر اختر علي پنهور ڌرڻي واري هنڌ پهچي مقتول جي وارثن مظاھرين کي ٻڌايو ته اسين جوابدارن جي گرفتاري لاء ڇاپا هڻي رهيا آهيون ڏوھ ڪرڻ بعد جوابدار گهرن ۾ موجود ناهن سندن گهرن آڏو هڪ هفتي کان پوليس ڪئمپ قائم ٿيل آهي جوابدار ڪيترا به بااثر هجن کين جلد گرفتار ڪيو ويندو ايس ايڇ او خانپورمھر جي خاطري بعد مظاھرين احتجاج ختم ڪري ڇڏيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو