اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيئرمين سينيٽ جي چونڊ بابت يوسف رضا گيلاني جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله چيئرمين سينيٽ جي چونڊ بابت محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.عدالت هڪ لکت واري فيصلي ۾ ان درخواست کي ناقابل سماعت قرار ڏنو ۽ خارج ڪري ڇڏي.عدالت فيصلو ٻڌايو ته چونڊيل نمائندا ۽ سياسي قيادت عدالت کي شامل ڪرڻ بغير پنهنجا تڪرار حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.










