مانجهند( رپورٽ مهراڻ عمراڻي)مانجهند ڀرسان ڳوٺ پھلوان کوسو انڊس هاء وي تي لاڙڪاڻو کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ سامهون ايندڙ گڏھ کي بچائيندي ڪلٽي ٿي پئي جنهن ۾ هڪ 20 ورهين جي ناري شڪارپور جي ڳوٺ ڳاهيجا واسڻ عاصيه ڌي بشير احمد ابڙو موقعي تي فوت جڏهن ت عورتن ٻارڙن سميت 26 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ زرينا زال مجمد پڃيل ڪلھوڙو رھائش ڪراچي ڪورنگي عبدالجبار ولد عبدالستار شيخ نئون ديرو لاڙڪاڻو اختيار بيگم زال روشن چنا مديجي اميران بيگم زال غلام مصطفيٰ چنو مديجي زاھد ولد روشن چنو مديجي ساجد ولد روشن چنو مديجي شازيہ زال رياض ابڙو مديجي داشان ولد حاجي ستار ابڙو مديجي ممتاز زال حاجي ستار ابڙو مديجي ۡظھير علي ولد بشير ابڙو عمر ۱۱ سال مديجي (حسينا زال ارباب ابڙو مديجي نثارا زال عبدالعزيز ميتلو قمبر حور خاتو زال زاھد چنا مديجي آمنہ ڌيءُ سليم چنا عمر 3 سال حسين بخش ولد زاھد چنا آصف ولد محبوب ابڙو مديجي رابعہ زال محمد يوسف ڪوري ڪراچي اقراءِ ڌيءَ محمد بچل ڪلھوڙو ارباب علي پٽ محمد بچل ڪلھوڙو فياض علي ولد محمد بچل ڪلھوڙو ڪراچي سميت 26 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي آسپاس جي ماڻھن تعلقه اسپتال مانجهند منتقل ڪيو جتي هنگامي حالتن جو اعلان ڪندي مانجهند جي سمورن ملازمن کي طلب ڪيو ويو جڏهن ت زخمين مان 10 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کين سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو ٻي طرف ڊرائيور ۽ عملو ڪوچ کي ڇڏي فرار ٿي ويا رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او مانجهند محمد صادق سولنگي ٻڌايو ت موٽر وي پوليس رپورٽ جي بنياد تي ڪيس داخل ڪيو ويندو










