صحافي جي پٽ جو مدرسي مان لاش ھٿ، زيادتي بعد قتل؟

صحافي جي پٽ جو مدرسي مان لاش ھٿ، زيادتي بعد قتل؟

دادو (رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) دادو جي صحافي فاروق ٻٻر جي 14 ورهين جي پٽ عبدالڪريم ٻٻر جو سيوهڻ جي مدرسي مان لاش ھٿ آيو آھي فوتي شاگرد جي والد سينيئر صحافي فاروق ٻٻر قتل جو شڪ ظاهر ڪيو آھي ته پٽ جي شلوار ۾ اڳٺ به ناھي شڪ آهي ته پٽ کي  زيادتي جو نشانو بڻائي کيس ڇت تان ڪيرائي قتل ڪيو ويو آهي هن مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ٻئي طرف دادو جي صحافين ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي دادو جي صحافين مطالبو ڪيو آهي چيف آف آرمي اسٽاف  چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان وزيراعظم پاڪستان ڊي جي رينجرس سنڌ  آء جي سنڌ  وزير اعليٰ سنڌ ۽ ٻين واسطيدار ادارن ته هن معاملي ۾ جيڪي ذميوار آھن انهن خلاف فوري قانوني طور ڪاروائي ڪري انهن کي گرفتار ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو