بدامني کي ٻنجو ڏيو، امن بحال ڪرايو، شهرين جو احتجاج

بدامني کي ٻنجو ڏيو، امن بحال ڪرايو، شهرين جو احتجاج

 لکي غلام شاھ (رپورٽ:نثارمنگي)تعلقي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف مهراڻ قومي ويلفيئر ايسوسيئيشن ضلعي شڪارپور جي سڏ تي شهر واسي سراپا احتجاج بڻجي روڊن تي نڪري آيا, جنهن دوران صدر مالهو خان پهوڙ, امداد عباسي, منظور ميمڻ, ذوالفقار مهر ۽ رياض قريشي جي اڳواڻي ۾ شهرين مين شاهي بازار کان احتجاجي ريلي ڪڍي, جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي تعلقه پريس ڪلب پهتي, جنهن دوران شهرين “بدامني کي ٻنجو ڏيو, امن امان بحال ڪرايو” جي زوردار نعريبازي پڻ ڪئي, ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سڄي سنڌ بدامني جي باھ ۾ ٻري رهي آهي, سنڌ جو ڪو شهر توڙي ڳوٺ اهڙو ناهي جتي ڏوھ نه پيا ٿين پر ضلعي شڪارپور جي تعلقي لکي غلام شاھ ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڏوھ وڌي ويا آهن, آئي ڏينهن ڦرون, چورين, اغوائن جون وارداتون ٿي رهيون آهن, جنهن سبب عام شهري توڙي واپاري سخت پريشان آهن, هنن چيو ته لکي غلام شاھ ۾ مين روڊن تان موٽرسائيڪلون ڦر جون وارداتون روز جو معمول بڻجي ويون آهن, اهڙي صورتحال باوجود پوليس جي ڪا رٽ نظر نه ٿي اچي, هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته لکي تعلقي ۾ وڌندڙ بدامني جو سخت نوٽيس وٺندي امن امان بحال ڪرايو وڃي, ٻي صورت ۾ لکي ٿاڻي سامهون سخت احتجاج ڪيو ويندو, جڏهن ته صالح پٽ ۾ نوجوان صحافي اجي ڪمار لالواڻي جي قتل جي پڻ مذمت ڪئي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو