جوهي )ن سنڌيار(جوهي تعلقي اندر گذريل پندرهن ڏينهن کان ڪڻڪ وڏي انگ ۾ مارڪيٽ ۾ اچڻ باوجود سنڌ حڪومت فوڊ ڊپارٽمينٽ طرفان جوهي تعلقي ۾ ڪوبه خريداري مرڪز قائم نه ڪيو ويو فوڊ ڊپارٽمينٽ انتظاميا دادو تاجرن ۽ ڪارخاني وارن سان ملي ڀڳت ڪري ڪڻڪ جو وڏو ذخيرو ڪراچي سميت ٻين صوبن ڏانهن موڪلڻ جو سلسو جاري شهرين ۽ سول سوسائٽي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته جوهي تعلقي اندر خريداري مرڪز بند هجڻ ڪري ڪڻڪ ٻاهر موڪليو ويندي آهي جنهن سبب اٽي جي قيمت ۾ اڳتي اضافو ٿيڻ جا امڪان آهن ٻي طرف ذريعن موجب واپارين ۽ تاجرن فوڊ انتظاميا دادو سان ملي ڀڳت ڪري وڏي انگ ۾ ڪڻڪ ٻاهر موڪلڻ سبب خاموش بڻيل آهن مقامي ماڻهن اختيارين کي اپيل ڪندي چيو آهي ته نوٽيس وٺي فوڊ انتظاميا خلاف ايڪشن کنيو وڃي










