غوثپور(عبدالنبي ملڪ)غوثپور پريس ڪلب اڳيان پر امن احتجاج ڪرڻ ڪشمور، غوثپور پوليس پاران جرم بڻجي ويو. 3 ڏينھن اڳ دراني مھر پوليس ڳوٺ قياس ڀيو ڀرسان پورھيو ڪندڙ ڪرين مشين ڊرائيور عيد گل ۽ ڪلينر نصيب ﷲ پٺاڻ کي کنڀي کڻي ڪشمور پوليس حوالي ڪيو جتي ڪشمور پوليس ٻنھي ڄڻن کي ھڪ ھڪ ڪلو چرس رکڻ جي الزام ۽ ڪرين مشين تي 2ڪلو چرس ڏيئي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف پٺاڻ برادري جو غوثپور پريس ڪلب جي اڳيان پرامن احتجاج ڪيو جنهن بعد غوثپور پوليس پرامن احتجاج ڪندڙن سهراب، مهراب ۽ مرزا پٺاڻ سميت 20 کان وڌيڪ ماڻهن مٿان غوثپور پوليس ٿاڻي تي روڊ بلاڪ ايڪٽ تحت ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، احتجاج ڪندڙن پٺاڻ برادري آءِ جي سنڌ مشتاق مهر، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ کان انڪوائري ڪرائڻ ۽ انصاف جي گھر ڪئي آهي.










