مانجهند (رپورٽ مهراڻ عمراڻي)شاه لطيف علمي ادبي فورم طرفان سائنس فلسفو ۽ اڄوڪي سنڌ جي موضوع تي ليڪچر پروگرام ڪرايو ويو دانشور جامي چانڊيو ليڪچر ڏيندي چيو ته دنيا جي سائنس ۽ فلسفو تبديل ٿي ويا پر اسان جو سماج علم کان وانجهيل رهيو سائنس فطرت جي اصولن تجربن جو نالو آھي جنهن جو ڪوبه حتمي نتيجو ناهي جنهن کي نئين دور ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت آھي سائنس ٽيڪنيڪل شعبو آھي انساني تاريخ رٿابندي تحت نه ٺھي هئي شعوري لاشعوري حادثن حالاتن لقائن مثبت ۽ منفي ڪمن جاکوڙ معاشيياتڌمان جڙي هن وڌيڪ چيو ت 40 هزار سال اڳ تهذيب کان وانجهيل جانورن واري زندگي گذاري ويندي هئي سائنس سماجي تمدن تهذيڀ داخلي وجداني احساسات ۽ ارتقا آھي عظيم علم محنت ڏاهپ عشق فلسفي جو مطالعو آھي سائنس هزارين سال پراڻي آھي پر مذھبي تنگ نظرن مذھب جي نالي ۾ سائنس کي ڌڪار وارو علم سڏيو آھي سائنس خيالي ۽ وهمي علم ناهي عقيدو هميشھ شعور جي نفي رهيو آھي غلامي غربت کان وڌيڪ عقيده پرستي بدتر آھي. جامي چانڊيو وڌيڪ چيو ته فلسفو سائنس کان سکي ٿو اهو تجرباتي نه پر عقلي علم آھي جيڪو دليل منتق کي سمجهي ٿو صحيح علم به غلط ڳالهين مان نڪري ٿو ڌڪو سائنس ۽ فلسفي جو اهم هٿيار آھي فڪري ٺڳي هڪ منظم ادارو آھي رياست مذھب سان جڙي ت ذھني غلامي جو دور هوندو نبي ڪريم صلعم تاريخ جو عظيم پيغمبر ۽ فڪري ڪردار رهيو باقي گهمراه ڪندڙن غلط تشريحون ڪيون اسلام دين ۽ سائنس جو عظيم فڪر آھي مذھبي ٺيڪيدارن کي چنڊ ڏسڻ جو ڪم ورتو وڃي ٿو هن وڌيڪ چيو ت سنڌ جي عظيم تهذيب تمدن هئي موئن جو دڙو آمري جو دڙو سائنس جو شاهڪار ڪارنامو هو علم ڊگرين جو محتاج ناهي هوندو سائين جي ايم سيد رسول بخش پليجو ابراهيم جويو جو علم سان وڏو تعلق رهيو نئين سنڌ جي اڏاوت عقيدي جي بنياد تي نه ٿيندي سائنس فلسفي تعليم فڪر سان ٿيندي ان سان ئي بهترين انسان پيدا ٿي سگهن ٿا ان موقعي تي فورم سرواڻ شفي ملاح اي ايس پي منور علي ڀنگوار اديب علم انصاري امير بخش لاکو درياء خان برهماڻي محمد رحيم مريداڻي اشفاق ملاح سميت وڏي تعداد ۾ علائقي جي باشعور ماڻھن شرڪت ڪئي.










