چورن ۽ ڀاڳين ۾ جهيڙي جو جرڳو، ڌريون کير کنڊ

چورن ۽ ڀاڳين ۾ جهيڙي جو جرڳو، ڌريون کير کنڊ

غوثپور (عبدالنبي ملڪ) ٽي ڏينھن اڳ شھر جي مسجد محلي ۾ اڻ ڄاتل ھٿياربندن طرفان جي يو آءِ اڳواڻ مولوي سائين بخش اوڳاھي جي گھر ۾ گھڙي سندس چوپايو مال ڪاھڻ ۽ مزاحمت تي سندس ٽن گھرڀاتين کي گوليون ھڻي زخمي ڪرڻ واري معاملي جو نبيرو علائقي جي چڱن مڙسن خادم ڀيو ۽ لياقت اوڳاھي جي سرپئنچي ھيٺ ڪيو ويو جنھن ۾ شاھ مور ڀيو واري ڌر تي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي  مٿس ڇهه  لک روپيه ڏنڊ ۽ پنج مينھون ڏنڊ ۾ وٺي ڌرين کي کير کنڊ ڪيو ويو. ياد رهي ته واقعي بعد ڀاڳين ٻن چورن کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو ھيو. ڏوھي ڌر پنھنجي مٿان پيل ڏنڊ مان پنج مينھون موقعي تي ڀاڳين حوالي ڪيون ۽ رھيل ڇهه لک ھڪ مھيني اندر ادا ڪيا ويندا۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو