نوشھروفيروز (رپورٽ اسد علي عمراڻي) نوشھرو فيروز گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪيھر خان مري ڳوٺ حاجي سھراب خان مري ۾ استاد مقرر نه ھجڻ خلاف معصوم شاگردن جواحتجاجي مظاھرو . گورمينٽ پرائمري اسڪول ڪيھر خان مري ڳوٺ حاجي سھراب خان مري جو استاد ھدايت الله مشوري 22 ڏينهن کان رٽا ئر ٿي ويو آھي ۽ اسڪول ۾ پنجاهه ٻارن جي داخلا آهي اسڪول ۾ ھڪ ئي استاد مقرر ھو جنهن جي رٽائرڊ ٿيڻ ڪري انتظاميا پاران ڪو بھ استاد مقرر نه ڪيو ويو آھي شاگردن احتجاج ڪندي چيو ته اسانجي تعليم کي وڏو نقصان پھتو آهي 22 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪوبه استاد ناھي آيو ھنن ڊي او نوشھروفيروز ۽ انتظاميا کي اپيل آهي ته فوري طور استاد ڏنو وڃي ته جيئن اسان جي تعليم متاثر نه ٿئي










