آل سنڌ اوپن ڊسٽرڪٽ بيڊ مينٽن ٽورنامينٽ جو افتتاح

آل سنڌ اوپن ڊسٽرڪٽ بيڊ مينٽن ٽورنامينٽ جو افتتاح

دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي)دادو ۾ ڇهين آل سنڌ اوپن ڊسٽرڪٽ بيڊ مينٽن ٽورنامينٽ جو افتتاح جيم خانه دادو ۾ ڊپٽي ڪمشنر دادو سميع الله نثار شيخ ڪيو ٽورنامينٽ جي افتتاحي تقريب ۾ ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ شاندار آتش بازي پڻ ڪئي وئي ان موقعي تي رانديون صحت لاء تمام ضروري آھن بيڊمنٽن راند  کي جيم خانه دادو جي ڪري سموري سنڌ ۾  پزيرائي ملي آھي جڏھن ته  سيڪريٽري جيم خانه  شاھزمان ملڪاڻي چيو ته  ڇھين بيڊ مينٽن ٽورنامينٽ ۾ سنڌ جي 60 کان وڌيڪ ٽيمون حصون وٺي رهيون آهن فائينل کٽيندڙ فاتح ٽيم کي 1 لک روپيه ڪيش پرائيز ۽ 2 موٽر سائيڪلون جڏھن ته فائينل ھارائيندڙ ٽيم لاء 50 ھزار ڪيش ۽ 2 موٽرسائيڪلون ٿرڊ پوزيشن ۾ ايندڙ ٽيم کي 20 ھزار ڪيش ۽ 1 موٽرسائڪل انعام ڏنا ويندا مين آف دي پلئير لاء 10 ھزار ڪيش جا انعام رکيل ويا آھن ٽورنامينٽ جو فائينل 23 مارچ تي ٿيندو، ٽورنامينٽ جي افتتاحي مئچ ۾ دادو ۽ مورو جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيو جنهن ۾ دادو جي ٽيم ڪاميابي ماڻي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو