سانگهڙ( ن سنڌ يار) شھر جي ھيڊجمڙاؤ روڊ لڳ سبزي منڊي جي ويجھو عامر راجپوت نالي شخص پنھجي گھر واري مسمات سمينا کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو آھي جڏھن ته ھن پنھنجي پاڻ کي به گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو آھي واقعي بابت فوتين جي وارثن ٻڌايو ته نوجوان عامر فوج ۾ نوڪري ڪندو هو جيڪو موڪلن تي گھر آيل ھو ۽ ڪجھ ڏينھن کان زال مڙس ۾ روز جھيڙو ٿيندو ھو ۽ اڄ اوچتو فائرنگ ٿي جنهن ۾ مڙس پنھجي زال کي گوليون هڻي پاڻ به آپگھات ڪري ڇڏيو، واقعي جي اطلاع تي ايس ايڇ او سانگھڙ پوليس نفري سان گڏ واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪرايا آهن جڏهن ته واقعي بعد وڏي انگ ۾ پاڙي وارا واقعي واري هنڌ گڏ ٿي ويا، پوليس ٻڌايو ته واقعي بابت جانچ مڪمل ٿيڻ بعد اصل حقيقت ظاهر ٿيندي ٻنهي فوتين جو لاش ضروري ڪاروئي بعد وارثن حوالي ڪيا ويندا واقعي بعد ٻنهي فوتين جي گهرن ۾ قهرام متل آھي.










