شهر ۾ عطائي ڊاڪٽرن جا ديرا انساني زندگين سان کيڏڻ لڳا

شهر ۾ عطائي ڊاڪٽرن جا ديرا انساني زندگين سان کيڏڻ لڳا

ٺڪراٺو (ن سنڌ يار) ٺڪراٺو شهرجي آس پاس عطائي ڊاڪٽرن ديرا ڄمائي ڇڏيا ،  سيکڙاٽ ڊاڪٽر انساني زندگين سان کيڏڻ لڳا ، هيلٿ ڪيئر ڪميشن پاران ڪيل ڪارروائي کي صحت کاتي سکر جي آشيرواد سان عطائي ڊاڪٽرن ٿڏي ڇڏيو ڪميشن پاران سيل ڪيل سموريون اسپتالون زر جي زور تي هر گلي هر چوڪ تي کولي ويهي رهيا وزارت صحت ڪو به نوٽيس نه ورتو  ٺڪراٺو شهر ۾ عطائي ڊاڪٽرن جو راڄ برقرار ٺڪراٺو شهر ۾ 30 کان مٿي عطائي ڊاڪٽر پنهنجون اسپتالون ۽ ان سان گڏ پنهنجا ميڊيڪل اسٽور پڻ کولي ويهي رهيا ۽ مسڪين عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦرڻ لڳا پنهنجي اسپتالن ۾ ڪجھ سيکاڙٽ ڇوڪرا ڪمپائونڊر طور رکي پنهنجي مشهوري ڏيکاري غير معياري دوائون ۽ ڊرپون هڻي ڪري پنهنجو نالو ڪمائڻ لڳا ذريعن وٽان اهو به معلوم ٿيو آهي ته عطائي ڊاڪٽر ٻج ڀاڻ جي بهاني پنهنجن ٺاهيل ڪسٽمرز کي وياج تي رقم پڻ ڏين ٿا ۽ پوء انهن کان روز جي بهاني صرف وياج  طور ڏهاڙي اوڳاڙين ٿا بقايا رقم فصل لهڻ مهل وٺن ٿا ۽ جنهن ڏانهن بقايا رهي ٿي ته ان کان وري جنس طور لکرائي وٺن ٿا ،ٺڪراٺو ۾  عطائين جوآزار گذريل ڪيترن ئي سالن کان برقرار آهي جنهن۾ ڪجھ ئي سالن کان آيل ٻاهرين شھرين مان جنهن ۾ پنوعاقل ، خانپور مهر ۽ ڪجھ اتان جي ڀرپاسي جا آهن جيڪي ڪک پتي مان لک پتي بڻجي ويا آھن ،جن خلاف هيلٿ ڪيئر ڪميشن پڻ ڪارروائي ڪري چڪي آهي پر ڪارروائي جي ٻئي ڏينهن ئي اهي عطائي ڊاڪٽر پنهنجا ڪوس گهر بڻيل اسپتال هليٿ ڪيئر ڪميشن پاران ڪيل سيل ٿيل تالا ٽوڙي ويهي ٿا رهن جنهن ۾ ذريعن ٻڌايو آهي ته سکر صحت کاتي جا ڪجھ آفيسر ملوث آهن جيڪي چند ٽڪن عيوض انهن کي پنهنجون اسپتالون کولڻ جي  اجازت ڏئي ٿا ڇڏين ۽ هتان جي پوليس کي پڻ ڏيتي ليتي تي راضي ڪري پنهنجو ڌنڌو چمڪايون ويٺا آهن هتان جي سڄاڻ ڌرين وزارت صحت ۽ هيلٿ ڪيئر ڪميشن کان اهو مطالبو ڪيو آهي ته جلد کان جلد اهي عطائين پاران قائم ڪيل ڪوس گهر اسپتالون بند ڪرايون وڃن ۽ صحت کاتو هتان جي بيسڪ هيلٿ يونٽ کي اپ گريڊ ڪري چوويھ ڪلاڪ صحت جو سهولتون فراهم ڪيون وڃن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو