ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر)سنڌ ڪابينا ڪووڊ 19 جي ويڪسيننگ لاءِ خانگي اسپتال ۽ ليبارٽرين کي مصروف ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سنڌ ڪابينا ۾ چيو ويو ته صحت واري کاتي کي هن وقت تائين 2لک 41هزار وئڪسين مليون آهن ۽ صحت کاتي 1لک 30هزار ڊاڪٽرن کي ويڪسين لڳايون ويو آهن ڪابينا ڪاميٽي صحت واري کاتي کي ويڪسينيشن لاءِ خانگي اسپتالن ۽ ليبارٽرين کي مصروف ڪرڻ لاءِ منظوري ڏيئي ڇڏي. ڪابينا سنڌ هيلٿ ڪميشن کي ويڪسين جي معيار ۽ قيمت تي ضابطو رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي سنڌ ڪابينا هيلٿ ڪيريئر سروس کي 300 ملين رپيا گرانٽ ان هينڊ جي منظوري ڏيئي ڇڏي ۽ اهي پئسا جنوري 2021 کان جون 2021 تائين جي لاءِ هوندا . زڪوات کاتي ڪابينا کي ٻهه 1000 سي سي ڪارين خريدڻ جي درخواست ڏني جنهن جي ڪابينا منظوري ڏيئي ڇڏي










