شھباز گل تي مس۽ بيدا اڇلائڻ جي مذمت ڪريون ٿا،ناصر شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سڌ سماءُ ۽ مڪاني کاتي واري صوبائي وزير  سيد ناصر حسين شاهه لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ شهباز گل تي مس ۽ بيدا اڇلائڻ واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته سياست ۾ اهڙي روين جي ڪائي گنجائش نه آهي هن  چيو ته شهباز گل اسان جا سخت مخالف آهن پر ان قسم جي واقعن کي ھمٿائي نه ٿو سگهجي.  صوبائي وزير اطلاعات وڌيڪ چيو ته خان صاحب جنهن سياسي ڪلچر جي آبياري ڪري رھيو آهي اڄ ان جي هڪ جهلڪ سامهون آئي آهي، اسان ته خان صاحب کي چوندا رهياسين ته حد کان اڳتي نه وڌو. هن چيو آهي ته شهباز گل تي مس اڇلائڻ وارو واقعو پي ٽي آئي  جي تربيت  جو نتيجو آهي.  سياسي مخالفن ۽ مخالف ڌر جي قيادت خلاف اخلاق کان وانجهيل بيان ڏيڻ  جو سخت ردعمل ته ايندو. صوبائي وزير چيو ته خان صاحب اڃان به وقت آهي سياست ۾ ذاتي حملا ۽  تشدد  وارن روين کي ھمٿائڻ ڇڏي ڏيو. پاڪستان سڀ کان اهم آهي، جيڪڏهن اهڙا رويا جاري رهيا ته ڪوبه بچي نه سگهندو.  

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو