رينجرز جي گاڏي ويجهو بم  ڌماڪو هڪ جوان شهيد

رينجرز جي گاڏي ويجهو بم ڌماڪو هڪ جوان شهيد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ رينجرز جي گاڏي ويجهو ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ رينجرز اهلڪار شهيد ٿي ويو، جڏهن ته    2اهلڪارن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.اورنگي ٽائون 5 نمبر جي ويجهو رينجرز گاڏي ڀرسان ڌماڪو ٿيو.واقعي کانپوءِ پوليس ۽ رينجرز واقعي واري هنڌ کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو، حملي جي حوالي سان جاچ شروع ڪري ڏني آهي.پوليس شڪ ظاهر ڪيو آهي ته بم روڊ ڪناري بيٺل موٽرسائيڪل يا ان جڳهه تي لڳايو ويو هو.ريسڪيو ذريعن موجب ڌماڪي ۾ رينجرز موبائل، هڪ ڪار ۽ موٽرسائيڪل کي نقصان پهتو آهي، ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.آءِ جي سنڌ ايس ايس پي ويسٽ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو