سلطانپور (رپورٽ قربان علي مھر) سلطانپور ڀرسان ڳوٺ لونگ ڪٽو ۾ رستي جي لنگھ تان شروع ٿيل جهيڙو رڪجي نه سگهيو، ٽانوري برادري جو هڪ ڄڻو قتل ٽريڪٽر ٽرالي تي لاش کڻي پنوعاقل ء سلطانپور ۾ احتجاج ايس ايڇ او سلطانپور ڪينٽ پاران ڪيس داخل ڪرڻ جي يقين دهاني کانپوءِ احتجاج ختم ،ڪٽا برادري مٿان قتل جو الزام، عارب ٽانوري جهيڙي ۾ زخمي ٿيو هو پوليس ڪٽا برادري جي ونگار وهندي فرياد داخل نه ڪئي هئي نه وري ميڊيڪل ليٽر ڏنو هو جنهن سبب ڊاڪٽرن علاج نه ڪيو ڌڪن لڳڻ ڪري جيرو ڦاٽي پوڻ سبب عارب ٽانوري فوت ٿي ويو/ ٽانوري برادري جو مؤقف۔ پندرهن ڏينهن اڳ جهيڙو ٿيو هو جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا ماڻھو زخمي ٿيا هئا فوتي جو جهيڙي سان ڪو تعلق نه هو سندس موت رضا الاهي سان فوت ٿيو آهي لڳايل الزام ڪوڙا آهن / ڪٽا برادري، فوتي عارب ٽانوري جو جهيڙي ۾ نالو نه هو نه ئي زخمي ٿيو هو وارث پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ تيار ناهن ، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون/ڪينٽ پوليس، تفصيل موجب سلطانپور ڀرسان ڳوٺ لونگ ڪٽو ۾ ڪجھ ڏينهن اڳ رستي جي لنگھ تان ٽانوري ء ڪٽا برادري جي ڌُرين ۾ شروع ٿيل جهيڙي جو نبيرو نه ٿي سگهيو گذريل رات ٽانوري برادري جو هڪ ڄڻو عارب ٽانوري فوت ٿي ويو جنهن جو لاش وارث ٽريڪٽر ٽرالي تي کڻائي پنوعاقل ،سلطانپور ۾ احتجاج کان پوءِ سکر روانگي ڪئي ته واٽ تان ايس ايڇ او ڪينٽ علي بخش شر مظاھرین سان ڳالهيون ڪرڻ بعد واپس سلطانپور ٿاڻي تي کڻائي آيو جتي ضروري ڪاغذي ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو فوتي جي وارثن سلطانپور ڪينٽ ٿاڻي جي پوليس ء ڪٽا برادري مٿان الزام هنيو ته فوتي ڪجھ ڏينهن اڳ جهيڙي۾ زخمي ٿيو هو پوليس ڪٽا برادري جي ونگار وهندي فرياد به داخل نه ڪئي هئي هنن ايس ايس پي سکر ،ڊي آء جي سکر ء ٻين کان مطالبو ڪيو ته فوتي عارب جي موت جو ڪارڻ ڌڪ لڳڻ ڪري جيرو ڦاٽي پوڻ سبب ٿيو آهي انصاف ڪيو وڃي ٻئي پاسي ڪٽا برادري جي الله بخش،خاوند بخش، نظرمحمد ء ٻين صحافين سان ڳالهائيندي لڳايل الزامن کي رد ڪندي چيو ته جهيڙو پندرهن ڏينهن اڳ ٿيو هو فوتي جنهن۾ ٻنهي پاسي جا ماڻھو زخمي ٿيا هئا فوتي عارب ٽانوري جو جهيڙي سان ڪو تعلق نه هو سندس موت رضا الاهي سان ٿيو آهي جنهن کي ٻه ڀيرا اڳ دل جو دورو به پيو هو جڏهن ته مؤقف پڇڻ تي ڪينٽ پوليس جو چوڻ هو ته ٽانورين ء ڪٽا برادري جي جهيڙي ۾ زخمين ء فرياد جو ريڪارڊ موجود آهي فوتي عارب جو ان سان ڪو تعلق نه هو وارث پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ تيار ناهن فوتي جو پوسٽ مارٽم ٿئي ته خبر پئجي ويندي وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون










