گم ٿيل معصوم نينگري جو تشدد ٿيل لاش پاڻي جي ٽانڪي مان هٿ

گم ٿيل معصوم نينگري جو تشدد ٿيل لاش پاڻي جي ٽانڪي مان هٿ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اللھ بخش ڳوٺ مان چار ڏيھن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل معصوم نياڻي جو تشدد ٿيل لاش پاڻي جي ٽانڪي مان ھٿ، معصوم نياڻي جي امڙ کي بيھوشي جا دورا، پوري علائقي ۾ سوڳ ڇائنجي ويو.ڪراچي سائيٽ سپر ھاءِ وي ٿاڻي جي حد اللھ بخش ڳوٺ مان چار ڏيھن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل چئن ورھين جي معصوم نياڻي عليشا جو تشدد ٿيل لاش پاڻي جي ٽانڪي مان ھٿ ڪيو ويو آھي.ان حوالي سان معصوم نياڻي جي والد شير علي ٻڌايو ته ٽي ڏيھن پھرين سندس نياڻي اوچتو گھٽي مان راند ڪندي گم ٿي وئي ھئي جنھن جي ڪافي ڳولا باوجود سندس جو ڪٿي به ڪو ڏس پتو نه پئجي سگھيو ھيو، اڄ ڀرسان خالي گھر مان سندس نياڻي جو تشدد ٿيل لاش مليو آھي، ھن چيو ته اسان جي ڪنھن سان ڪابه ذاتي دشمني ناھي، خبر ناھي ته منھجي نياڻي کي ڪنھن تشدد ڪري ماريو آھي، وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ خبر پوندي ته سندس نياڻي کي ڪنھن قتل ڪيو آھي.جڏھن ته معصوم نياڻي جو لاش ملڻ تي سندس امڙ کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا، پوري علائقي سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو