سياسي سماجي اڳواڻن جو گئس نه ملڻ خلاف احتجاج

سياسي سماجي اڳواڻن جو گئس نه ملڻ خلاف احتجاج

ٺري ميرواھ( رپورٽ امتياز علي شر)کرڙاه ۽ پيروسڻ ۾ گئس نه ملڻ خلاف سياسي سماجي اڳواڻن جو گئس جي مين چيڪ لائين کان پريس ڪلب پيروسڻ تائين احتجاجي مظاهرو سماجي ڌرين ۽ شھرين منظورسنڌي . باسط سومرو . فيصل چوهاڻ جي اڳواڻي م پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو گئس جي مين لائن گذرڻ باوجود شھر ۽ ڀرپاسي م گئس ناهي وفاقي سرڪار ۽ چونڊيل نمائندا فوري گئس ڏئي پريشاني ختم ڪن پيروسڻ مان گئس جي مين لائين ڪراس ٿيڻ باوجود پيروسڻ شھر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن کي گئس نه ملڻ خلاف سماجي ڌرين ۽ شھرين ۽ علائقي واسين پاران پلي ڪارڊ ھٿن م کڻي پريس ڪلب پيروسڻ آڏو مظاهرو ڪري گئس ڏيڻ جو مطالبو چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پيروسڻ مان گئس جي مين لائين گذرڻ باوجود پيروسڻ شھر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن توڙي علائقي واسين سان  سراسر ناانصافي آھي آخر م هنن وفاقي سرڪار توڙي ايم پي اي ايم اين اي کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته پيروسڻ شھر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن  کي فوري گئس ڏنو وڃي نه ته احتجاج جو  دائرو وڌايو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو