شاگرد جو جتوئي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

شاگرد جو جتوئي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي )سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد عرفان جتوئي جي قتل واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب آڏو جئي سنڌ محاذ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي ، ان موقعي تي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته شاگرد اڳواڻ عرفان جتوئي جو عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو ويو آهي پوليس وڏو ظلم ڪيو آهي هنن چيو ته عرفان جتوئي سنڌ يونيورسٽي جو شاگرد هو جنهن کي بيدردي سان قتل ڪري کيس ڏوهاري طور ظاهر ڪرڻ سراسر زيادتي آهي ، هنن وڌيڪ چيو ته عرفان جتوئي جي قتل واري واقعي جي عدالتي جانچ ڪرائي قتل واري واقعي ۾ ملوث پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو