پي ايس ٽي پاس اميدوارن جو آفر آرڊر نھ ملڻ خلاف احتجاج

پي ايس ٽي پاس اميدوارن جو آفر آرڊر نھ ملڻ خلاف احتجاج

ڪنڌ ڪوٽ(رپورٽ غالب بلوچ)ڪنڌ ڪوٽ پريس ڪلب اڳيان پي ايس ٽي پاس اميدوارن جو آفر آرڊر نھ ملڻ خلاف ھٿن ۾ بينر کڻي احتجاج ڪيو ان موقعي تي پاس اميدوارن برڪت ملڪ مومن کوسو بخش علي گولاٽو شھاب الدين ڏاھاڻي انعام کوسو گل زمان باجڪاڻي صدرالدين گبول  ميڊيا سان ڳالھاءيندي چيو تھ اسان 2009 ۾ سنڌ يونيورسٽي پاران ورتل ٽيسٽ پاس ڪيو پر سنڌ حڪومت پاران جايون وڌيڪ خالي نھ ھجڻ جو جواز ڄاڻائي اسان کي ايندڙ مرحلي ۾ پھرين پوزيشن حاصل ڪرڻ  تحت نوڪريون ڏيڻ جو واعدو ڪيو ھو جيڪو اسان جو بنيادي حق آھي ھاڻ جڏھن حڪومت نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي ته  اسان کي انھي ڪيل واعدي تحت آفر آرڊر ڏيئي اسان کي بک بدحالي ۽ بيروزگاري کان بچايو وڃي نه ته  ٻي صورت ۾ اسان احتجاج جو دائرو اڃا بھ وسيع ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو