سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ جي اطلاعات، بلديات، ٻيلي کاتي ۽ مذهبي معاملن بابت وزير سيد ناصر حسين شاهه ڊي سي آفيس سکر ۾ اعليٰ عملدارن سان گڏجاڻي جي صدارت ڪندي هدايت ڪئي آهي ته سکر ضلعي ۾ جاري ترقياتي ڪم جلد مڪمل ڪيا وڃن، جتي به واڌو فنڊن جي ضرورت آهي اُهي سنڌ حڪومت فراهم ڪندي پر ڪم ۾ ڪوتاهي ۽ دير هرگز برداشت نه ڪئي ويندي، سنڌو درياهه تي نئين پُل جي تعمير لاءِ تمام جلد ماهر سکر پهچندا. ڊي سي آفيس سکر جي ڪانفرنس روم ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر ۽ ڊپٽي ڪمشنر سکر رانا عديل تصور سميت مڪاني ادارن، پبلڪ هيلٿ، ورڪس اينڊ سروسز، بلڊنگس، ٻيلي کاتي، ايجوڪيشن ورڪس، روينيو، ضلع ڪائونسل، ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ انجنيئرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

صوبائي وزير اطلاعات ۽ بلديات سيد ناصر حسين شاهه هدايت ڪئي ته سکر ضلعي ۾ جاري ترقياتي اسڪيمون وقت سر مڪمل ڪيون وڃن، واڌو فنڊن جي گهرجن بابت جلد لکپڙهه ڪئي وڃي ته جيئن جلد فنڊ جاري ڪرائي سگهجن. هن هدايت ڪئي ته هلندڙ مالي سال دوران اسڪيمن لاءِ رکيل رقم خرچ ٿيڻ گهرجن ان ڏس ۾ ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. هن ڊي سي سکر کي هدايت ڪئي ته سيف سٽي ۽ سلاٽر هائوس لاءِ نيون اسڪيمون تيار ڪيون وڃن. صوبائي وزير اطلاعات ڪمشنر سکر ۽ ڊي سي سکر کي هدايت ڪئي ته درياهه ۽ واهن ڪنارن تي آپريشن سبب بي گهر ٿيندڙن جي بحاليءَ لاءِ وڌيڪ پلاٽن جي نشاندهي ڪئي وڃي، سنڌ حڪومت بي گهر ٿيندڙن کي اجهو فراهم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪم ڪري رهي آهي ڪنهن کي به اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. صوبائي وزير چيو ته ڪيٽل ڪالوني روهڙي لاءِ ساڳي زمين منظور ٿي چڪي آهي، جلد ڪم شروع ٿيندو، روهڙي گرلز ڪاليج جو ڪم جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن نياڻين کي دروازن جي چانئٺ تي تعليمي زيور سان آراسته ڪيو وڃي ۽ هو پاڻ ان اسڪيم جي ڪم جو معائنو ڪندو. صوبائي وزير بلديات ۽ اطلاعات اهو به چيو ته ميونسپل ۽ لوڪل گورنمينٽ جي اسڪولن توڙي اسپتالن کي فعال بڻائڻ لاءِ سنڌ جي تعليم ۽ صحت کاتن حوالي ڪيو ويندو ان لاءِ تجويزون لکي اماڻيون وڃن. هن اها به هدايت ڪئي ته سکر ۽ روهڙي جي سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ گڏيل اسڪيم ٺهندي، جنهن لاءِ عليحده ڊائريڪٽر مقرر ٿيندو جيڪو جوابده هوندو، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ جو مقصد هرگز اهو نه آهي ته رُڳو محلن مان گاڏين ۾ گند ڪچرو کڻي لينڊ فلٽ سائيٽ تي پهچايو وڃي پر ان سان گڏوگڏ گهٽين ۽ پاڙن جي بنيادي طور تي صفائي ٿيڻ گهرجي پوءِ ئي سالڊ ويسٽ پلان ڪامياب ٿيندو. صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر حسين شاهه چيو ته آڪٽراءِ ضلع ٽيڪس شيئر سميت مڪاني ادارن جا فنڊ وڌايون پيا، رورل لوڪل گورنمينٽ جون ٽيمون ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنرن سان گڏجي مڪاني ادارن جي هلندڙ ترقياتي اسڪيمن جي مانيٽرنگ ڪنديون. هن چيو ته ٽريفڪ انجنيئرنگ جو حال بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن هو ڊي آءِ جي سکر پوليس کي ٽريفڪ پوليس کي سرگرم ڪرڻ لاءِ پڻ چوندو ته جيئن ٽريفڪ رواني بهتر بڻائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته سکر ۾ سنڌو درياهه تي سنڌ حڪومت پاران پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت نئين پُل ٺاهڻ جو منصوبو جوڙيو پيو وڃي جنهن لاءِ ماهرن جي ٽيم تمام جلد سکر جو دورو ڪندي. صوبائي وزير اطلاعات هدايت ڪئي ته لئنسڊائون پُل جي بيوٽيفڪيشن اسڪيم جلد منظور ڪرائي وڃي. ميونسپل کان ٽائون ۽ يوسي سطح تائين وڻڪاري مهم کي ڪامياب بڻايو وڃي، هر اداري کي وڻ پوکڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي.

ان کان اڳ سيد ناصر حسين شاهه پنهنجي فرزند سيد محمد علي شاهه سان گڏ ڳوٺ سنگرار پهچي، سيد زاهد حسين شاهه ۽ سيد شاهد حسين شاهه جي ڀيڻ جي جنازي ۾ شرڪت ڪئي ۽ قبر تي گلن جي چادر چاڙهي. صوبائي وزير مرحومه جي لاڏاڻي تي پوئنرن سان تعزيت ڪئي. جنازي نماز ۾ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر ۽ سردار علي گوهر خان سميت علائقي جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.










