ڪهڪشان حيدر پاران ٽارگيٽ ڪلرز جو نيٽ ورڪ هلائڻ جو انڪشاف

ڪهڪشان حيدر پاران ٽارگيٽ ڪلرز جو نيٽ ورڪ هلائڻ جو انڪشاف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽ) ايم ڪيو ايم لنڊن جي ڪهڪشان حيدر جو ڪراچي مان ٽارگيٽ ڪلرز جو نيٽ ورڪ هلائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.آمريڪا ۾ رهندڙ عورت متحده باني جي حڪم تي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪرائيندي رهي. ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي عمر شاهد رينجرز اختيارين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته رينجرز ۽ سي ٽي ڊي هڪ گڏيل اپريشن ڪيو. 2017 ۾ رينجرز پاران ايم ڪيو ايم لنڊن جي ٽارگيٽ ڪلرز  جي ٽيم پڪڙي هئي. ٽيم جڏهن جيل وئي ته ان جي ڄاڻ تي انٽيليجنس پاران  آپريشن ڪيو پئي ويو. آمريڪا مان ڪهڪشان نالي عورت هڪ ٽيم ڪراچي ۾ هلائي رهي هئي.ڪهڪشان نالي عورت جي ڪال رڪارڊنگ به سامهون آئي آهي. رڪارڊنگ ۾ عورت ٽارگيٽ ڪلر کان ٽارگيٽ جي حوالي سان ڳالهائي رهي  آهي. سي ٽي ڊي اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته ڪهڪشان حيدر قتل جي وارداتن ۾ انعام جي طور تي 3 لک روپيه موڪليا هئا. ڏيڍ لک روپيه هنڊي جي ذريعي ٽارگيٽ ڪلر آصف رئيس وصول ڪيا. 1470 ڊالر مفرور ساٿي چاند جي زال هما سڃاڻپ ڪارڊ تي مني چينجر ناگن برانچ تان وصول ڪيا. اختيارين ٻڌايو ته دهشتگردي جي ان وارداتن جي لاءِ ايم ڪيو ايم باني جي حڪم تي ڪهڪشان حيدر واٽس ايپ ڪال ڪري هدايتون ڏيندي هئي.ڪهڪشان حيدر يوسي چيئرمين راشد مامون کي قتل جو حڪم ڏنو. ڪراچي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، پوليس ۽ سياسي، مذهبي اڳواڻن کي نشانو بنائڻ جي لاءِ وڌيڪ ٽارگيٽ ڪلرز گروپ جوڙيا ويا. صحافين سان ڳالهيون ڪندي ڪرنل شبير وڌيڪ ٻڌايو ته رينجرز جنهن کي گرفتار ڪيو هو ان  کي عمر قيد جي سزا ملي چڪي هئي اهي ماڻهو به ڪهڪشان نالي عورت جو نالو وٺي چڪا هئا. ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلرز ڪم ڪري رهيا آهن ۽ انهن جي اها عورت اڳواڻي ڪري رهي آهي.هي پرڏيهه ۾ ويهي پاڪستان ۾ افراتفري پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. پريس ڪانفرنس دوران ڪهڪشان حيدر جي آڊيو ڪال به ٻڌائي وئي جنهن ۾ هو ٽارگيٽ ڪلر سان حدف جي حوالي سان ڳالهيون ڪري رهي آهي. ڪهڪشان حيدر ٽارگيٽ کي مٿي ۽ ڳچي تي ٽارگيٽ ڪرڻ جون هدايتون ڏئي رهي آهي ۽ موٽر سائيڪل جي نمبر پليٽ به تبديل ڪرڻ جو چوي ٿي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو