گهوٽڪي (ن سنڌ يار)سنڌ پروفيسرس ليڪچررس ايسوسيئيشن سکر ريجن جي سڏ تي سپلا ضلعي گھوٽڪيء پاران پروفيسر محمد سانول گھوٽو پروفيسر عبد الغفار ميمڻ پروفيسر اشفاق احمد مشوري ۽ ٻين سپلا اڳواڻن ۽ ورڪرس جي انتقامي طور ٿيل بدلين ۾ ملوث ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڪاليجز سکر ريجن سائين رکيو خلاف ضلعي گھوٽڪيء جي سمورن ڪاليجن ۾ احتجاج طور ڪارو ڏينھن ملھايو ويو ان حوالي سان ڪاليجن تي ڪارا جھنڊا چاڙھيا ويا استادن ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي تدريسي عمل جاري رکيو گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج گھوٽڪيء ۾ پروفيسر عبد المنان ملڪ پروفيسر پرويز احمد چاچڙ پروفيسر محمد يونس عباسيء جي اڳواڻيء ۾ ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو ويو گرلس ڊگري ڪاليج گھوٽڪيء ۾ پروفيسر محمد صفر ڪلھوڙو ۽ پروفيسر اختيار ڪلھوڙو جي اڳواڻيء ۾ احتجاج رڪارڊ ڪيو ويو عادلپور ڊگري ڪاليج ۾ پروفيسر امداد علي ڪورائي ۽ پروفيسر عبدالوحيد ڪلوڙ جي اڳواڻيء ۾ ڊگري ڪاليج ميرپور ماٿيلو ۾ پروفيسر محبوب علي مگسي ۽ پروفيسر عبد الحفيظ چنو ڊگري ڪاليج ڏھرڪيء ۾ پروفيسر غازي خان مھر ۽ پروفيسر محمد دين راڄڙي جي اڳواڻيء ۾ جڏھن ته ڊگري ڪاليج اوٻاوڙو ۾ پروفيسر ذوالفقار علي غوري ۽ پروفيسر عبد الحفيظ مشوريء جي اڳواڻيء ۾ ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪيو ويو ان دوران سپلا ضلعي گھوٽڪيء جي اڳواڻن پروفيسر اختيار احمد ڪلھوڙو پروفيسر محمد سانول گھوٽو پروفيسر محمد صفر ڪلھوڙو ۽ ٻين پنھنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آھي ته گھوٽڪي ضلعي اندر استادن جون سموريون بدليون انتقامي ڪاروائي طور ڪيون ويون آھن جنھن ۾ ملوث ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڪاليجز سکر ريجن سائين رکيو کي جلد از جلد ھٽائي بي چيني کي ختم ڪيو وڃي ور نه ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو جڏھن ته سپلا جي سڏ تي سڀاڻي پڻ احتجاج جاري رکيو ويندو جڏھن ته يارھين مارچ خميس جي ڏينھن تي گھوٽڪي پريس ڪلب اڳيان ڀرپور احتجاجي مظاھرو ڪيو ويندو جنھن ۾ سپلا سکر ريجن جا اڳواڻ پڻ شرڪت ڪندا










