چرچ پاران عورتن جي حقن بابت آگاهي ريلي

چرچ پاران عورتن جي حقن بابت آگاهي ريلي

ميرپورخاص(ن سنڌ يار) عورتن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان سينٽ مائڪل چرچ پاران مسيح برادري جي عورتن پاران هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي آگاهي ريلي ڪڍي پريس ڪلب پهتا ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن فادر شهزاد کوکر، شبانا، لينا خالد، نجما سيمس، پرميلا هريش، وملا  ۽ ٻين چيو ته هر مذهب ۾ عورت کي برابري جو حق مليل آهي پر افسوس اسان وٽ شعور جي ايتري کوٽ آهي جو عورتن کي پنهجي بنيادي حقن بابت ڪا به ڄاڻ نه آهي.هن ريلي ڪڍڻ جو مقصد عورتن کي سندن حقن بابت آگاهي ڏيڻ آهي ته جيئن هو اڳتي اچي پنهجي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪن، عورتن تي گهريلو تشدد، جنسي حراسان ڪرڻ، زوري مذهب تبديل ڪرائڻ ۽ مرضي جي خلاف شادي سميت ٻيا ڪيترائي واقعا روز جو معمول بڻيل آهن، اسان اهڙن ظلمن جي سخت مذمت ڪريون ٿا. هنن چيو ته اسان حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته عورتن کي برابري جا حق ڏيارڻ ۾ انهن جي مڪمل قانوني مدد ڪئي وڃي ته جيئن عورت بهادري سان بنا ڪنهن خوف جي پنهجو ڪردار معاشري ۾ ادا ڪري سگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو