نوجوان کي قتل ڪري قاتل خود ڪشي ڪري ڇڏي

نوجوان کي قتل ڪري قاتل خود ڪشي ڪري ڇڏي

ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي )مين بس اسٽاپ حيدرآباد روڊ تي مقامي هوٽل جي اندر فائرنگ ۾ 2 نوجوان قتل ٿي ويا، قتل ٿي ويل هڪ 22 سالا نوجوان جي سڃاڻپ اڪرم زنئور طور ڪئي ويئي آهي ، جنهن ۾ 30 سالا نوجوان جي سڃاڻپ ٿي نه سگهي آهي ، لاشن کي مقامي هوٽل مان سرڪاري اسپتال پوسٽ مارٽم لاءِ پهچايو ويو آهي ، قتل واري واقعي جو ڪو به ڪارڻ ظاهر نه ڪيو ويو آهي ، اکين ڏٺن شاهدن موجب قتل ٿي ويل 2 نوجوانن مان 30 سالا نامعلوم نوجوان هوٽل ۾ داخل ٿي 22 سالا نوجوان اڪرم زنئور  تي سڌا فائر ڪري ٿڏي تي قتل ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ پاڻ تي فائر ڪيو ۽ زخمي ٿي پيو ، زخمي نوجوان کي اسپتال نيو ويو ته هو رستي ۾ فوت ٿي ويو ، قتل ٿي ويل نوجوانن جا لاش سرڪاري اسپتال ۾ موجود آهن ، ايس ايس پي عابد بلوچ جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪو به ڪارڻ اڃان تائين ظاهر نه ڪيو ويو آهي پوليس جانچ ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو