پي پي تي اغوا جو الزام، صحافين سان منهن ماري

پي پي تي اغوا جو الزام، صحافين سان منهن ماري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ جهيڙي بعد پي ٽي آءِ ميمبرز ايوان مان ٻاهر نڪري آيا، اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ ۽ ٻين پي ٽي آءِ ميمبرز ميڊيا سان ڳالهين دوران به آپي مان نڪري ويا، صحافين ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن سان به  منهن ماري ڪئي. حليم عادل شيخ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته زرداري مافيا چور ۽ دهشتگرد آهي، اڄوڪو ڏهاڙو سياسي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، اسانجي ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو آهي اسين ايف آءِ آر داخل ڪنداسين. بلاول تون بينظير جو پٽ نه آهين، تون ڀٽو نه پر زرداري آهين. هن صحافين کي چيو ته اوهان پي پي جا نمائندا لڳي رهيا آهيو. ڪجهه ميمبر چوندا رهيا ته لفافا صحافي آهيو جنهن تان صحافي چڙي پيا ۽ هڪٻئي خلاف گهٽ وڌ ڳالهايو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو