موٽر سائيڪل ڦريندڙ جوابدار سڳ سوڌو گرفتار

موٽر سائيڪل ڦريندڙ جوابدار سڳ سوڌو گرفتار

ڪراچي (ن سنڌيار)سرجاڻي ٽائون کان موٽرسائيڪل چوري  ۾ ملوث هڪ  ملزم کي پوليس  گرفتار ڪري ورتو. ايس ايس پي ويسٽ سوهائي عزيز ٽالپر جي ڪوششن سان  ، ايس ايڇ او سرجاڻي گشت دوران ملزم گرفتار ڪيو. جڏهن ته گرفتار جوابدار جي قبضي مان چوري ٿيل  موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي. برآمد ڪيل موٽرسائيڪل سرجاڻي ٽائون جي علائقي مان چوري ڪئي وئي هئي. ايس ايس پي اولهه سوهائي  عزيز چيو ته موٽر سائيڪل چوري  جو ڪيس سرجاني  پوليس اسٽيشن ۾  322/2021 داخل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ملزم کان وڌيڪ  جاچ جاري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو