ڊي ايس پي کي ڪٽڪي بعد کنڀيل نوجوان بازياب

ڊي ايس پي کي ڪٽڪي بعد کنڀيل نوجوان بازياب

ڪنڊيارو (ن سنڌيار)قومي شاھراھ تي ڳوٺ ڪبير گھانگھرو واسي عورتن ۽ مردن ڪنڊيارو پوليس خلاف قومي شاھراھ تي ٽائرن کي باھ ڏئي احتجاجي مظاھرو ڪيو ان موقعي مظاھرو ڪندڙن راھب علي، مانجھو خان، مسمات وزيران، نذيران بيگم ۽ ٻين چيو ته پوليس بلاجواز اسان جي نوجوان کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي انھن چيو ته خون به اسان جو ٿيو آھي ۽ پوليس اسان جو ئي ماڻھون کنڀي گم ڪيو آھي انھن وڌيڪ چيو تقريبن ھڪ مھينو اڳ پوليس اسان جي نوجوانن کي کنڀي گم ڪيو ھيو جن کي احتجاج ڪرڻ بعد آزاد ڪيو ويو ھيو ھوڏانھن قومي شاھراھ تي ڌرڻي سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ گاڏين جون ڊگھيون قطارون لڳي ويون جنھن سبب روڊ تي سفر ڪندڙ سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا جڏھن ته پوليس مظاھرو ڪندڙن مٿان آنسو گئس پڻ ھلايا پر پوء به پوليس روڊ کولرائڻ ۾ ناڪام رھي ۽ ان دوران ٿيندڙن جھڙپ ۾ مظاھرو ڪندڙن ڊي ايس پي ڪنڊيارو کي مٿي ۾ ڌڪ ھڻي زخمي ڪيو جنھن کي فوري طور تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏھن ته ٻه عورتون پڻ معمولي زخمي ٿي پيون ايس ايس پي نوشھروفيروز تي پڻ پٿراء ڪيو ويو آخر ۾ سياسي سماجي ڌرين جي ٽياڪڙي بعد مظاھرو ڪندڙن جو مطالبو مڃي ورتو ۽ کنڀي گم ڪيل نوجوان کي بازياب ڪرڻ بعد چئن ڪلاڪن کان وڌيڪ بند پيل قومي شاھراھ کي کوليو ويو سياسي سماجي اڳواڻن چيو ته عورتن مٿان پوليس ڳوڙها گئس ۽ فائر ڪيا جنهن جي مذمت ڪريون ٿا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو