سکر(بيورو رپورٽ) اي سيڪشن ٿاڻي جي حد هندو پنچائت اسپتال ۾ سکر جي مشهور فزيشن ڊاڪٽر پرڀو مل تي حملي خلاف سکر پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن پاران او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ريلي ڪڍي غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين ڊاڪٽر تي حملي خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا، هوڏانهن غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سکر جي پرنسيپال ڊاڪٽر ذوالفقار سومرو، ڊاڪٽر افتخار شاهه، ڊاڪٽر پرڀو مل، هندو پنچائت سکر جي مکي ايشور لال ۽ ٻين سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته گذريل ڏينهن سکر جي مشهور فزيشن ڊاڪٽر پرڀو مل تي حملو ڪري کيس رتو رت ڪيو ويو آهي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هندو پنچائت اسپتال ۾ ڊاڪٽر پرڀو مل ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار سومرو معمول موجب مريضن جو علاج ڪري رهيا هئا ته جوابدارن حملو ڪري مٿن تشدد ڪيو. جوابدارن جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر پرڀو مل سندن والدا کي ماريو آهي. ڪوبه ڊاڪٽر ناهي چاهيندو ته سندس مريض موت واقع ٿئي، زندگي ۽ موت رب جي وس آهي. ڊاڪٽر تي ڪيل حملي بعد واقعي جو ڪيس اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته ڊاڪٽرن کي ڪنهن به قسم جو تحفظ فراهم نه پيو ڪيو وڃي. قانون موجب ڊاڪٽرن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. جيڪڏهن ڊاڪٽر کي تحفظ فراهم نه ڪيو ويو ته او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري روڊن تي نڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا ۽ ان دوران ڪوبه واقعو پيش آيو ته ان جي ذميوار انتظاميا هوندي.










