گولاڙچي (رپورٽ بلاول خاصخيلي)يوسي ترائي جي ڳوٺ ڦوٽو چانگ ۽ عبدالڪريم لانگاهه ۾ اين آر ايس پي پاران ماحول جي تحفظ جي حوالي سان هڪ سيمينار ڪوٺائي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ مقامي ڳوٺاڻن کي وڻ پوکڻ لاءِ همٿايو ويو وڻن جي فائدن متعلق ويچار ڪيو ويو، سيمينار کي سوشل ويلفيئر جي اڳواڻ دين محمد گاڏهي، اين آر ايس پي ضلع بدين جي اڳواڻ ظهير احمد کوسو، خير محمد جت، ۽ فاريسٽ ڊپارٽمينٽ آف پاڪستان جي رجب سميجو خطاب ڪيو. سيمينار ۾ سوشل ورڪر ساگر سليم وفا اياز چانگ سميت وڏي انگ ۾ ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي.










