مختلف علائقن ۾ ڊائريا ڦهلجي وئي، سهولتون اڻلڀ

مختلف علائقن ۾ ڊائريا ڦهلجي وئي، سهولتون اڻلڀ

دڙو (ن سنڌ يار)سجاول ضلعي جي ٻنون, لائقپور, حسين پور, بچل گگور, دڙو ۽ ميرپوربٺورو جھوڪ شريف ۽ آسپاس جي سوين ڳوٺن ۾ ڪافي وقت کان وٺي مليريا کان بچاء لاء اسپري نه ٿيڻ سبب مليريا تباھي مچائي ڇڏي آھي. جنھن سبب سوين ٻار, عورتون, جوان ۽ وڏي عمر جا ماڻھو ڊائريا ۾ مبتلا ٿي ويا. رورل ھيلٿ سينٽر دڙو, بي ايڇ يو ٻنون, ڪانڌڙا, لائقپور, جھوڪ شريف, راھوٺ, تعلقا اسپتال ميرپوربٺورو ڳوٺاڻي ڊسپينسري حاجي محمد رحيم گگو, بڪڪ موري, درياھ خان سوھو, ڪنڊور سميت ٻين سمورين سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ۽ ٻيو سمورو پيراميڊيڪل اسٽاف مليريا جي ايمرجنسي ڊيوٽين ۾ مشغول آھن. ان باوجود مڙني سرڪاري اسپتالن توڙي پرائيويٽ اسپتالن ۾ مليريا جا روزانو 5 سوُ کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿي رھيا آھن. اھڙي صورتحال ۾ گيسٽرو جا روزانو سوين ايندڙ مريض سرڪاري علاج ڪرائڻ کان قاصر بڻيل آھن. ڳوٺ الھبخش شورو, ڳوٺ رتو لاشاري, ڳوٺ عيسي شورو, ڳوٺ طيب سومرو, ڳوٺ چوٿو ڪولھي, ڳوٺ خميسو چانگ, ڳوٺ پپو ڪنڊرا, ڳوٺ پپو ڪنڊرا, ڳوٺ بابو لاشاري, سومار سھتو, ڳوٺ بچل گگو, ڳوٺ ڊڀو موري, ڳوٺ حاجي قاسم ڌماچ, ڳوٺ عثمان لاشاري, ڳوٺ حاجي عمر لاشاري, ڳوٺ عبدالله خاصخيلي, ڳوٺ اسماعيل ملاح ۾ خيرالنسان شورو, امير بانو, شھناز, شبيران, سونا, شبو, شازيه, زرينه, صاحبه, ماروي, شاھزيب, فرزانه پليجو, شاھد ڌماچ, بلاول ڌماچ, روشن, عزيز خدابخش خاصخيلي, فريد خاصخيلي, خدابخش جانوري, حاجن ملاح, حليمان لاشاري, محمدالرحيم ملاح سميت ٻين مختلف ڳوٺن ۾ معصوم ننڍا ٻار, عورتون, جوان, پوڙھا گيسٽرو جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا آھن. ڳوٺن جي ھر گھر ۾ رھندڙ ماڻھو خاص ڪري ننڍا ٻار گيسٽرو جي بيماري ۾ مبتلا ٿيل آھن. گسٽرو جي بيماري ۾ مبتلا متاثرن ۽ ڳوٺاڻن صحافين کي ٻڌايو ته گذريل ڪافي مھينن کان وٺي مذڪوره ڳوٺن جا تقريبن ھڪ ھزار کان وڌيڪ معصوم ٻار, عورتون, جوان پوڙھا ڊائريا ۽ مليريا جي خطرناڪ بيماري ۾ وڪوڙيل آھن. جنھن سبب ڳوٺن جا ھزاري ماڻھو سخت پريشاني ۽ عذاب واري زندگي گذاري رھيا آھن. ھنن ٻڌايو ته متاثر ڳوٺن ۾ رھندڙ ھر گھر جا تقريبن ماڻھو جي موذي بيماري ۾ مبتلا آھن. بيمار ڳوٺاڻا سرڪاري توڙي نجي اسپتالن ۾ علاج لاء اچن ٿا. جڏھن ته ڊاڪٽر ۽ ٻيو پيراميڊيڪل عملو ايمرجنسي ڊيوٽين ۾ ھجڻ جو جواز ڄاڻائي مريضن جو علاج ڪرڻ لاء تيار ناھي. جنھن سبب مجبور غريب ڳوٺاڻان ديسي ٽوٽڪن ذريعي مريضن جو علاج ڪرڻ تي مجبور آھن. ھنن سنڌ حڪومت جي اختيارين, سنڌ جي صحت کاتي سميت سجاول ضلعي جي صحت کاتي کان مطالبو ڪيو آھي ته مذڪوره ڳوٺن ۾ صحت جون خاص موبائيل ٽيمن کي موڪلي مليريا جي بيماري ۾ ورتل غريبن ڳوٺاڻن جو علاج ڪيو وڃي. رورل ھيلٿ سينٽر جي ايم ايس ڊاڪٽر عبدالخالق ميمڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سخت گرمي, صفائي سٿرائي نه رکڻ, ھيٽ اسٽوڪ ۽ گندي پاڻي جي استعمال سبب ڊائريا جي مريضن ۾ اضافو ٿي رھيو آھي. ھن ٻڌايو ته فقط دڙو جي سرڪاري اسپتال ۾ روزانو 20 کان 25 مريض ڊائريا جا رپورٽ ٿين ٿا. اھڙي طرح جيڪڏھن مجموعي طور سڄي تعلقي جي سرڪاري توڙي پرائيويٽ اسپتالن جو جائزو ورتو وڃي ته  ڊائريا جا روزانو 4 سوُ کان 5 سوُ ڪيس رپورٽ ٿي رھيا آھن. ڊاڪٽر وڌيڪ ٻڌايو ته ھڪ طرف ڪورونا جي وباء سڄي سماج کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آھي ته ٻئي طرف ڊائريا ۽ ٻين موذي بيمارين ڪر کنيو آھي. ان ۾ ڊاڪٽر ۽ ٻيو پيراميڊيڪل اسٽاف ھنگامي بنيادن تي ڪم ڪري رھيو آھي. ھن احتياتي تدابيرن بابت  عوام کي آگاه ڪندي چيو ته گرمي ۽ ھيٽ اسٽروڪ واري صورتحال ۾ صاف پاڻي, صفائي سٿرائي مڇرن کان بچاء ڪن. خاص ڪري پنھنجي ٻارن جو وڌ کان وڌ خيال رکن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو