ڊسڪه چونڊ رد، 18 مارچ تي سڄي حلقي ۾ ٻيهر چونڊ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن پاران اين اَي 75 ڊسڪه تي ننڍي چونڊ ڪالعدم قرار، 18 مارچ تي سموري تڪ تي ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.  اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته تڪ تي ننڍي چونڊ دوران ماحول سازگار نه هو، تنهنڪري اليڪشن کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي: ڊسڪه ۾ ننڍي چونڊ دوران 20 پرزائيڊنگ آفيسرن جي مبينا اغوا واقعي بعد نون ليگ سموري تڪ تي ٻيهر چونڊ جو مطالبو ڪيو هو، تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جو فيصلو چيلينج ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو بادشاهت واري سوچ کي شڪست آهي، تفصيلي فيصلو اچڻ بعد ليگل ٽيم اڳتي جِي حڪمت عملي جوڙيندي، عثمان ڊار چيو ته اليڪشن ڪميشن اڄ نون ليگ جي سازش کي وائکو ڪري ڇڏيو، تڪ تي ٻيهر چونڊ جو حڪم نون ليگ جي ناڪامي جو ثبوت آهي. ٻئي پاسي اين اي 75 تي ننڍي چونڊ دوران ڌانڌلي ٿيڻ تي گجرانوالا ڊويزن جي ڪمشنر ۽ آر پي او کي ڊويزن بدر ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن سيالڪوٽ جي ڊي سي، ڊي پي او ، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ٻن دي ايس پيز کي  معطل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن هدايت ڪئي آهي ته سيالڪوٽ جي معطل ٿيل آفيسرز کي اڳتي ڪنهن به اليڪشن ۾ ڊيوٽي تي نه لڳايو وڃي، آفيسرز خلاف جاچ اليڪشن ڪميشن، وفاقي سرڪار يا پنجاب حڪومت ڪندي، اِن جو فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو، اليڪشن ڪميشن ننڍي چونڊ دوران غفلت ڪرڻ تي پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي کي 4 مارچ تي ذاتي طور طلب ڪري ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو