براڊ شيٽ اسڪينڊل ۾ سينئر آفيسرن جا بيان قلمبند

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پاران براڊشيٽ اسڪينڊل جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميشن 2002ع کان 2008ع تائين رهندڙ نيب جي 4 چيئرمينن سميت برطانيا ۾ اڳوڻي  پاڪستان جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر عبدالباسط سميت ٻين اهم شخصيتن جا بيان رڪارڊ ڪري ڇڏيا، جڏهن ته نيب ڪميشن آڏو براڊ شيٽ اسڪينڊل بابت سمورو رڪارڊ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، تفصيل موجب سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) شيخ عظمت سعيد جي سربراهي ۾ براڊ شيٽ ڪميشن جو اجلاس گذريل هڪ هفتي کان جاري آهي جنهن ۾ هن وقت تائين نيب جي 4 چيئرمينن جن ۾ جنرل (ر) امجد، جنرل (ر) خالد مقبول، جنرل (ر) منير حفيظ ۽ نويد احسن جا بيان رڪارڊ ڪري ڇڏيا آهن، ڪميشن برطانيا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر عبدالباسط ۽ قانون واري وفاقي وزارت جي اڳوڻي جوائنٽ سيڪريٽري غلام رسول جو بيان رڪارڊ ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ڪميشن جي حڪم مطابق هن وقت تائين اٽارني جنرل، قانون واري وفاقي وزارت ۽ ناڻي واري وزارت رڪارڊ جمع نه ڪرائي سگهي آهي، ذريعن جو چوڻ  آهي ته ڪميشن جو اجلاس روزاني بنياد تي وفاقي شرعي عدالت ۾ ٿي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو