گوگل جي خلاف ڪيس داخل ڪريو,لاهور هاءِ ڪورٽ

گوگل جي خلاف ڪيس داخل ڪريو,لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي کي هدايت  ڪئي آهي ته جيڪڏهن اختيار آهي ته گوگل جي خلاف ڪيس داخل ڪريو.انٽرنيٽ تي توهين جوڳو مواد هٽائڻ جي درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته اسان ڪهڙي مديني جي رياست ۾ آهيون جتي بنيادي ذميواري ڪير به پوري ناهي ڪري رهيو.هن چيو ته ايف آءِ اي ۾ اهڙو ونگ ضرور هجڻ گهرجي جيڪو توهين جوڳو مواد هٽائي. ڊي جي ايف آءِ اي سميت ٻيا آفيسر به لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيا. وفاقي حڪومت جي وڪيل چيو ته  مواد هٽائڻ جي معاملي تي ايف آءِ اي کي ڪارروائي ڪرڻي آهي. چيف جسٽس لاهور  هاءِ ڪورٽ وڪيل سان گڏ مڪالمي ۾ چيو ته ڏينهن به ڏينهن معاملو خراب ٿي رهيو آهي.پرڏيهه ۾ ويٺل ماڻهو توهين جوڳو مواد  پاڪستان ۾ پکيڙيندا ته ايف آءِاي ڇا ڪندو.؟ ملڪ ۾ جيترا قانون آهن ڇا  ان کي لاڳو ڪرڻ حڪومت جو ڪم نه آهي؟ عدالت چيو ته حڪومت سمورو توهين جوڳو مواد کي هٽائي يا سسٽم بند ڪري ڇڏي حڪومت کلي بيان ڏئي ته ڪجهه ناهي ڪرڻو. چيف جسٽس چيو ته ايف آءِ اي به رپورٽ جمع ڪرائي جان ڇڏائي آهي.هن وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا گوگل اٿارٽي جي خلاف ڪيس داخل ٿي سگهي ٿو. لاهور هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي آهي ته جيڪڏهن اختيار آهي ته گوگل جي خلاف ڪيس داخل ڪريو. عدالت 30 ڊسمبر تي ڊي جي ايف آءِ اي سميت ٻين آفيسرن کي طلب ڪري ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو