ڪراچي (شهزادو مستوئي) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف کي لنڊن ٽيليفون ڪري سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ پي ڊي ايم جي جلسن بابت ڳالهه ٻولهه به ٿي. آصف علي زرداري ۽ نواز شريف وچ ۾ ڪجهه ڏينهن اندر اهو چوٿون ڀيرو فون تي رابطو ٿيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته 8 ڊسمبر تي ٿيندڙ پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس بابت مشاورت ڪئي وئي. زرداري جو موقف هو ته استعيفائون ڏيڻ جو فيصلو تڪڙ ۾ نه ڪيو وڃي ۽ ان کي آخري آپشن طور استعمال ڪيو وڃي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو هو ته لانگ مارچ ۽ استعيفيٰ جا آپشن آهن جنهن بابت حتمي فيصلو پي ڊي ايم اجلاس ۾ ڪيو ويندو.










