استعيفيٰ آخري آپشن هجڻ گهرجي، زرداري جو نواز کي مشورو

استعيفيٰ آخري آپشن هجڻ گهرجي، زرداري جو نواز کي مشورو

ڪراچي (شهزادو مستوئي) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اڳوڻي وزيراعظم ميان  نواز شريف کي لنڊن ٽيليفون ڪري سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ پي ڊي ايم جي جلسن بابت ڳالهه ٻولهه به ٿي. آصف علي زرداري ۽ نواز شريف وچ ۾ ڪجهه ڏينهن اندر اهو چوٿون ڀيرو فون تي رابطو ٿيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته 8 ڊسمبر تي ٿيندڙ پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس بابت مشاورت ڪئي وئي. زرداري جو موقف هو ته استعيفائون ڏيڻ جو فيصلو تڪڙ ۾ نه ڪيو وڃي ۽ ان کي آخري آپشن طور استعمال ڪيو وڃي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو هو ته لانگ مارچ ۽ استعيفيٰ جا آپشن آهن جنهن بابت حتمي فيصلو پي ڊي ايم اجلاس ۾ ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو