پي ڊي ايم جلسو ملتان ۾ موبائل سروس ۽ انٽرنيٽ معطل

ملتان (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ پي ڊي ايم جي جلسي سبب  مختلف روڊ بند ڪيا ويا آهن جڏهن ته شهر ۾ موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس به متاثر آهي. پي ڊي ايم جي جلسي کي روڪڻ جي لاءِ مختلف ضلعن کان پنجاب پوليس جي واڌو نفري کي طلب ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل ۽ رٻڙ جون گوليون به گهرايون ويون آهن. اسٽيڊيم کي ڪارڪنن کان خالي ڪرائي هڪ دفعو ٻيهر تالا لڳايا ويا آهن.اسٽيڊيم مان سياسي اڳواڻن جا پينا فليڪس ۽ بينرز به لاٿا ويا آهن جڏهن ته گهنٽه گهر چوڪ طرف پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪري  رنڊڪون بيهاريون ويون آهن.پوليس گيلاني هائوس ڏانهن ويندڙ رستا سيل ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته شهر جي مختلف روڊن تي رڪاوٽون بيهارڻ سبب عام شهرين کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.ٻئي طرف ملتان جي مختلف علائقن ۾ موبائل فون سروس معطل آهي ۽ انٽرنيٽ سروس به جزوي طور تي بند آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو