واهن مٿان لانگ جمپ جو رڪارڊ، نوجوان جي قسمت جاڳي پئي

ٺٽو (ڊ ر) نوجوان آصف مگسي جي لانگ جمپ واريون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ ايٿليٽڪس فيڊريشن نوجوان سان رابطو ڪري کيس لاهور گهرائي ورتو آهي. 22 ورهين جي آصف جون، شاخن، واهن ۽ 11 موٽرسائيڪلون گڏ بيهاري مٿان لانگ جمپ ڏيڻ واريون ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون هيون.

Photo facebook

جنهن بعد ايٿليٽڪس فيڊريشن جي صدر محمد اڪرم ساهي چيو ته هو حيران آهي ته ايڏو ٽيلنٽ اسان وٽ موجود آهي. هن چيو ته ٺٽو واسي نوجوان کي تربيت ڏئي وڌيڪ گُر سيکاري کيس عالمي مقابلن لاءِ تيار ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو