راولپنڊي)ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير تربت جو دورو ڪيو، جتي هن شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل کي آپريشنل تيارين ۽ ٻاهرين سرپرستيءَ هيٺ ٿيندڙ دهشتگرديءَ خلاف جاري ڪاررواين بابت بريفنگ ڏني وئي. سيد عاصم منير کي بلوچستان ۾ جاري سماجي ۽ معاشي ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائيءَ کان به آگاهه ڪيو ويو. فيلڊ مارشل ڏکين آپريشنل حالتن ۾ جوانن جي پيشوراڻي صلاحيتن ۽ بلند حوصلن کي ساراهيو. فيلڊ مارشل چيو ته پاڪ فوج جي جوانن جو وطن جي دفاع لاءِ غيرمتزلزل عزم ساراهه جوڳو آهي، پاڪ فوج بلوچستان جي عوام سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ امن، خوشحالي ۽ پائيدار ترقي لاءِ پاڪ فوج جو غيرمتزلزل عزم برقرار رهندو.










