لنڊن ۾ نادرا، پاسپورٽ ۽ ويزا جون خدمتون عارضي طور معطل

لنڊن ۾ نادرا، پاسپورٽ ۽ ويزا جون خدمتون عارضي طور معطل

لنڊن)ويب ڊيسڪ) پاڪستان هاءِ ڪميشن لنڊن نادرا، پاسپورٽ ۽ ويزا جون خدمتون عارضي طور معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پاڪستان هاءِ ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، سمنڊ اندر انٽرنيٽ ڪيبل ۾ خرابي سبب انٽرنيٽ ۽ لاڳاپيل خدمتون متاثر ٿيون آهن، جنهن ڪري نادرا، پاسپورٽ ۽ ويزا جون خدمتون معطل ڪيون ويون آهن. پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اهي خدمتون ايندڙ اطلاع تائين معطل رهنديون، جڏهن ته دستاويزن جي تصديق واري سروس معمول موجب جاري رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو