عالمي امن لاءِ گڏيل سهڪار تي ٻڌل سلامتي پاليسي اڻٽر آهي

عالمي امن لاءِ گڏيل سهڪار تي ٻڌل سلامتي پاليسي اڻٽر آهي

برسلز)ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته عالمي امن لاءِ گڏيل شعور، گڏيل حڪمت عملي ۽ باهمي سهڪار تي ٻڌل سلامتي پاليسي اڻٽر آهي. يورپي پارليامينٽ برسلز ۾ شومان سيڪيورٽي اينڊ ڊفينس فورم کي خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته عالمي امن، سلامتي ۽ گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ پاڪستان جون خدمتون هڪ روشن مثال آهن. گذريل ڏهاڪن دوران گڏيل قومن جي 48 امن مشنز ۾ 2 لک 37 هزار پاڪستاني اهلڪار خدمتون سرانجام ڏئي چڪا آهن، جڏهن ته عالمي امن مشنز دوران 183 پاڪستاني اهلڪارن پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو.هن چيو ته تڪرارن جو شڪار علائقن ۾ امن مشنز ۾ اوچتو گهٽتائي انساني سلامتيءَ جا خطرا وڌيڪ وڌائي سگهي ٿي، تنهنڪري امن مشنز جا مينڊيٽ حقيقت پسنداڻا، مناسب وسيلن سان ڀرپور ۽ پائيدار سياسي حلن سان هم آهنگ هجڻ گهرجن. خواجا آصف جو چوڻ هو ته امن مشنز جا مينڊيٽ جوڙڻ وقت فوجي ۽ پوليس دستا فراهم ڪندڙ ملڪن کي اثرائتي نمائندگي ملڻ گهرجي. امن رڳو جنگ نه ٿيڻ جو نالو ناهي، پر پائيدار استحڪام لاءِ انساني سلامتيءَ کي اوليت ڏيڻي پوندي. موسمياتي تبديلي، خوراڪ جي کوٽ ۽ معاشي ڪمزوريون تڪرارن کي وڌيڪ ڀڙڪائي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو