سيلز ٽيڪس سميت ٻين  ڇوٽ ۽ رعايتن ۾ غيرمعمولي واڌ

سيلز ٽيڪس سميت ٻين ڇوٽ ۽ رعايتن ۾ غيرمعمولي واڌ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ۾ وڌندڙ مالي دٻاءَ جو هڪ وڏو سبب سيلز ٽيڪس، انڪم ٽيڪس ۽ ڪسٽم ڊيوٽيءَ ۾ ڏني ويندڙ رعايتن ۽ ڇوٽ ۾ غيرمعمولي واڌ آهي، جيڪا گذريل ڏهاڪي دوران تيزيءَ سان وڌي آهي. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اڪنامڪس (پائيڊ) جي تازي رپورٽ موجب، ملڪ ۾ ٽيڪس خرچ، يعني ٽيڪس ڇوٽ ۽ رعايتن سبب قومي خزاني کي ٿيندڙ امڪاني نقصان، لڳاتار وڌي تازن مالي سالن ۾ مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جي 4 کان 5 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ان عرصي دوران ملڪ ۾ ٽيڪس وصولين جي شرح جي ڊي پي جي لڳ ڀڳ 10 سيڪڙو تي بيٺل رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو