اسلام آباد)بيورو رپورٽ) تربيلا ۽ منگلا هائيڊل سسٽم ۾ فني خرابي سبب بجليءَ جي پيداوار متاثر ٿي وئي، جڏهن ته تربيلا جا 2 يونٽ بند ٿي ويا.فني خرابي سبب بجليءَ جي فراهمي ۾ گهٽتائي اچڻ سان لاهور سميت پنجاب ۽ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ بجليءَ جي کوٽ وڌي وئي آهي.ذريعن موجب ليسڪو ۾ بجليءَ جو شارٽ فال 800 ميگاواٽ تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته لاهور ۾ شام کانپوءِ 4 ڪلاڪن تائين غيراعلانيه لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.غيراعلانيه لوڊشيڊنگ سبب شهري سخت پريشان آهن، هوڏانهن توانائي واري وزارت سمورين بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين کي لوڊشيڊنگ جو شيڊول جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.










