ميرپورخاص)ن س) ميرپورخاص ۾ هڪ ئي وقت مختلف هنڌن تي پيش آيل ٽن ٽريفڪ حادثن جي نتيجي ۾ عورت سميت 2 ڄڻا فوت ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.عمرڪوٽ روڊ تي پيش آيل حادثن جي اطلاع تي پوليس جي وڏي نفري ۽ امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون، جن فوتين جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو.پوليس اختيارين موجب حادثا تيز رفتاريءَ سبب پيش آيا. فوتين جا لاش ضروري قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته حادثن جي جاچ پڻ شروع ڪئي وئي آهي.










