ڪوهاٽ ، پوليس ٽيم مٿان حملو، 10 اهلڪار شهيد، 18 خارجي  مارجي ويا

ڪوهاٽ ، پوليس ٽيم مٿان حملو، 10 اهلڪار شهيد، 18 خارجي مارجي ويا

ڪوهاٽ(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا پوليس ۽ مقامي سول انتظاميا ڪوهاٽ ڀرسان درابو ڪچ واري علائقي ۾ غيرقانوني طور سون جي کاڻين جي کوٽائي ڪندڙ عنصرن خلاف آپريشن ڪيو.آپريشن مڪمل ڪري واپس موٽندڙ پوليس پارٽيءَ تي ڏوهاري عنصرن جي چرچ تي فتني الخوارج حملو ڪري ڏنو، جنهن دوران پوليس اهلڪارن بهادريءَ سان مقابلو ڪندي 18 خوارج کي ماري ڇڏيو.مقابلي دوران خيبرپختونخوا پوليس جو ڊي ايس پي حيدر زمان سميت 10 اهلڪار بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿي ويا.اختيارين موجب ٻاهرين طاقتن جي چرچ تي ڪم ڪندڙ ڏوهاري عنصرن ۽ فتني الخوارج جو گڏيل حملو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڏوهاري مافيا ۽ خوارج وچ ۾ منظم رابطا موجود آهن.اختيارين چيو ته اهو واقعو هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ٿو ته فتني الخوارج جو اسلام ۽ پاڪستان سان ڪو به تعلق ناهي، اهي عنصر پنهنجن ناپاڪ مقصدن لاءِ ڏوهاري مافيا سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.اختيارين وڌيڪ چيو ته خوارج جي سهولتڪارن ۽ ڏوهاري مافيا کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو ۽ غيرقانوني سرگرمين جي اجازت نه ڏني ويندي. شهيد پوليس اهلڪارن جو تعلق خيبرپختونخوا، خاص طور ضلعي ڪوهاٽ سان هو، سندن قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو