ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي يونيورسٽين واري وزير محمد اسماعيل راهو، ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪي ايس پي پاليسي خلاف شاگردن جي احتجاج جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل اختيارين کي شاگردن جا مسئلا فوري حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.صوبائي وزير سنڌ جي يونيورسٽين واري سيڪريٽري غلام عباس بلوچ ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر سان رابطو ڪري شاگردن جا خدشا ۽ مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.محمد اسماعيل راهو چيو ته شاگردن جا جائز مسئلا حل ڪرڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي.تعليمي سرگرمين جو تسلسل برقرار رکڻ ۽ شاگردن لاءِ سازگار تعليمي ماحول يقيني بڻائڻ خاطر ضروري قدم کنيا وڃن.هن واضح ڪيو ته داخلا پاليسيءَ جي معاملي ۾ ڪنهن به شاگرد سان ناانصافي نه ٿيڻ گهرجي، سمورن شاگردن کي ميرٽ ۽ شفافيت جي بنياد تي هڪجهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن










