ضلعي خيرپور ۾ تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا دريافت

ضلعي خيرپور ۾ تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا دريافت

خيرپور)ن س) ضلعي خيرپور ۾ تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا دريافت ڪيا ويا آهن. آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل) ضلعي خيرپور ۾ تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا دريافت ڪيا آهن، جن جا تفصيل پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ جمع ڪرايا ويا آهن او جي ڊي سي ايل موجب بٽرسيم نارٿ ويسٽ-1 کوهه مان روزانو هڪ ڪروڙ 28 لک مڪعب فوٽ گئس حاصل ٿي آهي، جڏهن ته روزانو 175 بيرل ڪنڊنسيٽ پڻ حاصل ٿيندو. او جي ڊي سي ايل جو چوڻ آهي ته نئين دريافت سان پاڪستان جي مقامي گئس ذخيرن ۾ واڌ ٿيندي، جڏهن ته دريافت ڪيل گئس کي جلد قومي نظام سان ڳنڍيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو