موجوده دور ۾ رڳو ڊگري حاصل ڪرڻ ڪافي ناهي

موجوده دور ۾ رڳو ڊگري حاصل ڪرڻ ڪافي ناهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه سان سي ايم بلوچستان ايمپلائيمينٽ پروگرام تحت تربيت حاصل ڪندڙ شاگردن جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن دوران نوجوانن کي جديد فني ۽ پيشورانه تربيت، روزگار جا موقعا، مائيڪرو فنانسنگ، آءِ ٽي شعبي ۾ ترقي ۽ سنڌ توڙي بلوچستان وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي سيد ناصر حسين شاهه بلوچستان حڪومت پاران نوجوانن کي جديد تربيت ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ شروع ڪيل قدمن کي ساراهيندي چيو ته نوجوانن کي هنر مند بڻائڻ ۽ معاشي طور خودمختيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته وڏي وزير بلوچستان مير سرفراز بگٽي پاران شروع ڪيل اهو پروگرام نوجوانن جي روشن مستقبل ڏانهن اهم قدم آهي، ڇاڪاڻ ته موجوده دور ۾ رڳو ڊگري حاصل ڪرڻ ڪافي ناهي، پر مارڪيٽ جي ضرورتن موجب عملي مهارت ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي ڄاڻ پڻ ضروري آهي. هن چيو ته تربيت مڪمل ڪرڻ کانپوءِ نوجوان قومي ۽ عالمي معيار جا هنر مند فرد بڻجي سامهون ايندا، جيڪي نه رڳو پنهنجي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪندا پر ملڪ جي معاشي ترقي ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت نوجوانن کي معاشي طور پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ مائيڪرو فنانسنگ سميت مختلف قدم کڻي رهي آهي، مائيڪرو فنانسنگ ذريعي سنڌ ۾ 12 لک کان وڌيڪ عورتون پنهنجا گهر هلائي رهيون آهن، جيڪو عورتن جي معاشي خودمختياري ۽ بااختياري جو اهم مثال آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي ڪاروبار، روزگار ۽ جديد شعبن ۾ اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. سيد ناصر حسين شاهه وفد کي سنڌ جي اهم آءِ ٽي ادارن ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي سان لاڳاپيل ادارن جا مطالعاتي دورا ڪرائڻ جي پڻ آڇ ڪئي ۽ چيو ته بلوچستان جي نوجوانن کي سنڌ جي جديد آءِ ٽي ادارن، تربيتي مرڪزن ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ جاري سرگرمين کان آگاهه ڪيو ويندو، جيئن اهي جديد دور جي گهرجن ۽ روزگار جي نون موقعن بابت عملي ڄاڻ حاصل ڪري سگهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت بلوچستان جي نوجوانن سان هر ممڪن سهڪار لاءِ تيار آهي ۽ کين سنڌ ۾ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ سميت مختلف شعبن ۾ اڳتي وڌائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. وفد سان ڳالهائيندي هن چيو ته بلوچستان جيان سنڌ به اوهان جو پنهنجو صوبو آهي، سنڌ جا دروازا اوهان لاءِ کليل آهن ۽ سنڌ حڪومت نوجوانن جي تعليم، تربيت، ترقي ۽ روزگار جي حوالي سان هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن آهي ته نوجوانن کي عالمي معيار جون جديد سهولتون، ٽيڪنالاجي ۽ پيشورانه تربيت فراهم ڪئي وڃي، جيئن پاڪستان جا نوجوان عالمي سطح تي مقابلي جي صلاحيت حاصل ڪري سگهن. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان وچ ۾ نوجوانن جي فني تربيت، آءِ ٽي، ڪاروباري سرگرمين ۽ روزگار جي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ فروغ ڏنو ويندو. هن چيو ته نوجوانن کي مارڪيٽ جي گهرجن مطابق هنر سيکاري کين صرف نوڪرين جا خواهشمند بڻائڻ بدران روزگار جا موقعا پيدا ڪندڙ بڻائڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته هنر مند نوجوان ئي ملڪ جي مضبوط معيشت، خوشحال معاشري ۽ ترقي يافته پاڪستان جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو