ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت سدائين صحافت جي آزاديءَ جو احترام ڪيو آهي ۽ صحافين جي حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. پيپلز پارٽي ڊگهي عرصي تائين پاڻ ميڊيا ٽرائل جو شڪار رهي آهي، پر ان باوجود سنڌ حڪومت ڪڏهن به ڪنهن ميڊيا اداري جا اشتهار بند نه ڪيا آهن ۽ نه ئي صحافت جي آزاديءَ تي ڪا پابندي لڳائي. هن چيو ته اسان تي ڪو به الزام ثابت ٿئي ته سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار آهيون، پر غلط ۽ بي بنياد خبر خلاف شڪايت ڪرڻ اسان جو حق آهي. ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران صحافين جي احتجاج کي خطاب ڪندي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هڪ صحافي اهڙي خبر نشر ڪئي، جيڪا سنڌ حڪومت لاءِ نقصانڪار هئي. ان خبر خلاف شڪايت ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ صحافي کي اداري مان برطرف ڪيو ويو. بهرحال، مون پاڻ لاڳاپيل اداري کي فون ڪري درخواست ڪئي ته صحافي کي ٻيهر بحال ڪيو وڃي. هن چيو ته شڪايت ڪرڻ جو مقصد ڪنهن صحافي کي بيروزگار ڪرڻ نه، پر غلط ۽ بي بنياد خبر جي نشاندهي ڪرڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو جيترو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو آهي، شايد ئي ڪنهن ٻي سياسي جماعت جو ايترو ميڊيا ٽرائل ٿيو هجي. وڏن وڏن ميڊيا ادارن به پيپلز پارٽي خلاف غلط انداز ۾ ميڊيا ٽرائل ڪيو، پر اسان ڪڏهن به ڪنهن اداري خلاف ڪو غلط قدم نه کنيو. صحافت جي آزاديءَ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جو ڪردار سدائين اهم رهيو آهي. صدر آصف علي زرداري جو سڀ کان وڌيڪ ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، پر هن ڪڏهن به ڪنهن ميڊيا اداري خلاف ڪا ڳالهه نه ڪئي. سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪڏهن به صحافت جي آزاديءَ تي پابندي نه لڳائي آهي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان براڊڪاسٽرز ايسوسيئيشن (پي بي اي) ۽ آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس) اسان کي خط لکي ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت ميڊيا لاءِ جيترو ڪم ڪيو آهي، اوترو ڪنهن ٻي حڪومت نه ڪيو آهي. اشتهارن جون ادائگيون وفاقي حڪومت ۽ ٻين صوبائي حڪومتن طرفان به ڪيون وينديون آهن، پر سنڌ واحد صوبو آهي جنهن انهن ادائگين کي وقت سر يقيني بڻايو آهي. وفاقي حڪومت ۽ ٻين صوبن جي اشتهارن جا بل التوا جو شڪار ٿي سگهن ٿا، پر سنڌ حڪومت جون ادائگيون دير جو شڪار نه ٿينديون. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان اطلاعات کاتي کي هدايت ڪندا آهيون ته ميڊيا ادارن کي وقت سر ادائگيون ڪيون وڃن، جيئن اهي پنهنجن ورڪرن کي وقت تي پگهارون ڏئي سگهن. سنڌ جو اطلاعات کاتو ان حوالي سان سڀني کان اڳتي آهي. سنڌ حڪومت کي اڪثر تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو آهي، پر اسان ڪڏهن به ان ڳالهه جو برو نه مڃيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن ميڊيا اداري جا اشتهار بند ڪيا آهن. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سدائين صحافين سان گڏ بيٺل رھي آهي ۽ اڳتي به گڏ بيٺل رهندي. خبر ڏيڻ هر ڪنهن جو حق آهي، پر خبر حقيقتن تي ٻڌل هجڻ گهرجي. خبر کي پنهنجي مرضيءَ سان ڪنهن تي مڙهڻ درست ناهي. پنهنجي سوچ ۽ راءِ کي حقيقتن طور پيش ڪرڻ صحافت ناهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مير رضا قتل ڪيس جي معاملي تي سوشل ميڊيا تي ٻن سياسي جماعتن هڪ گيسٽ هائوس کي منهنجي نالي سان منسوب ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان مون نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) ۾ شڪايت داخل ڪرائي. هن چيو ته ڪو ماڻهو ڇا سوچي رهيو آهي، ان کي پنهنجي مرضيءَ جي لفظن ۾ بيان ڪري ڇڏڻ صحافت ناهي. اختلاف راءِ ۽ تنقيد هر ڪنهن جو حق آهي، پر ان لاءِ حقيقتون سامهون رکڻ ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي جماعت آهي ۽ اسان سڀني کي گڏجي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي. مان سمورن ميڊيا مالڪن کي گذارش ڪريان ٿو ته ڪنهن به ورڪر کي زبردستي نوڪريءَ مان برطرف نه ڪيو وڃي. اسان جو نعرو اٽو، لٽو ۽ اجھو آهي، اسان ڪيئن ڪنهن کي بيروزگار ٿيندي ڏسي سگهون ٿا؟ صحافي ۽ ميڊيا ورڪر به اسان جي معاشري جو اهم حصو آهن ۽ انهن جي روزگار جو تحفظ ضروري آهي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ ملڪ جو واحد صوبو آهي، جنهن صحافين جي تحفظ لاءِ جرنلسٽس پروٽيڪشن ڪميشن قائم ڪيو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت صحافين ۽ ميڊيا ورڪرن سان گڏ بيٺل آهي ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين انهن جو ساٿ ڏيندي رهندي.










